اسلام آباد – 20 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آه?? ته عمران خان آئين، قانون ۽ عدالتي نظام جو تماشو بڻايو، هن شخص ماڻهن کي هاءِ ڪورٽ تي حملي جي لاءِ اتساهيو، عمران خان کي ملندڙ مهلت ٻين جوابدارن کي ڇو نه آه??؟ عدليه جو مذاق اڏائڻ وارو جاچ ادارن سان ڪهڙو تعاون ??ند??؟ پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ عوام ٽي وي اسڪرينز تي پاڪستان جي آئين، قانون ۽ عدالتي نظام جو تماشو ڏسي رهي آه?? ته هڪ شخص ج??هن کي عدالت گهرائي رهي آه?? هو عدالت اچڻ کان انڪاري آه??، هي شخص پاڪستان جي هر عدالت ۾ گهربل آه?? جيڪو ڪڏهن ايمبولينس گهري ٿو ۽ ڪڏهن وهيل چيئر، ڪڏهن مهلت، هي شخص ڏوهاري آه?? ج??هن جي ضمانت جي پٽيشن تي ان جون پنهنجون صحيحون نه آه?? ۽ هي ڏوهاري عدالت تي حملي آور آه??. هن چيو ته جيڪا سهولت عمران خان کي فراهم ڪئي پئي وڃي ڇا اها پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام کي به حاصل آه??؟ هن چيو ته ڪڏهن چيو وڃي ٿو ته عمران نيازي زمان پارڪ کان عدالت نه ٿو اچي سگهي ۽ ڪڏهن چيو وڃي ٿو ته هو گاڏي مان نڪري جي آڏو پيش نه ٿو ٿي سگهي، جج صاحب پنهنجي رجسٽرار کي عمران خان صاحب وٽ موڪلي صحيحن جي تصديق ڪرائي وٺي. هن چيو ته ڇا اها سهولت عدالت پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام کي به فراهم ??ند??؟ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان سوشل ميڊيا تي ڪال ڏني ته هاءِ ڪورٽ تي حملو ڪريو، هن کي سيشن ڪورٽ گهرائي ته گار ۽ ڌمڪي ڏي ٿو. هن چيو ته اڄ جيل ڀريو تحريڪ جا نعرا هڻندڙ جعلي صحيحن جي ذريعي عدالت کان بيل وٺڻ آيو آه??، جڏهن عدالت عمران خان کي طلب ڪري ٿي ته هو چوي ٿو ته آئون ڪو نه ايندس، جڏهن عمران خان کي مهلت ڏني وڃي ٿي ته هي پاڪستان جي عوام کي عدالت تي حملي لاءِ اتساهي ٿو ته هلو هلو لاهور هاءِ ڪورٽ هلو، اهو قانون ۽ عدالتي نظام جو تماشو آه??. هن چيو ته نواز شريف جي پنهنجي حڪومت ۾ کيس جڏهن نيب جي عدالت ۾ گهرايو ويندو هو ته ڪ??هن وزير کي نيب جي عدالت ۾ وڃڻ جي اجازت نه هئي، احسن اقبال صاحب کي ٻاهر روڪيو ويندو هو جيڪو ان وقت گهرو وزير هو. هن چيو ته عمران خان عدالت جي احاطي ۾ ماڻهن کي عدالت تي حملي جي ڪال ڏني، عمران خان جي وڪيل جج صاحب کي چيو ته توهان عمران خان وٽ ماڻهو موڪليو ۽ صحيحون وٺي ڇڏي. اطلاعات واري وفاقي وزير سوال ڪيو ته سڀاڻي صبح جن جي پٽيشنون آه??، اهي پاڻ سان گڏ ماڻهو وٺي اچن ته ا??هن کي به عمران خان واري سهولت فراهم هوندي؟ ا??هن جي لاءِ به خاص عدالت لڳندي؟ هن چيو ته جيڪو شخص عدالت آڏو پيش نه ٿو ٿئي اهو ايف آءِ اي آڏو پيش ٿيندو؟ ايف آءِ اي چئي رهي آه?? ته اسان کي هن ماڻهو کان جاچ ڪرڻي آه??، جيڪو ڪورٽ جي نه ٿو ٻڌي اهو ايف آءِ اي آڏو جاچ جي لاءِ پيش ٿيندو؟ عدالت عمران خان جي گرفتاري جو آرڊر ڇو نه ٿي ڏي؟ هن چيو ته اهي سمورا ماڻهو جيڪي ايف آءِ اي، نيب، سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ ۾ گهربل آه??، ا??هن سڀني کي به اها سهولت فراهم ڪئي وڃي جيڪا عمران خان کي ڏني پئي وڃي. هن چيو ته نواز شريف ٽي ڀيرا جو چونڊيل وزيراعظم هو، هن ڪلثوم نواز جي بيماري دوران ٽن ڏي??هن جي مهلت گهري هئي جيڪا کيس نه ڏني وئي ۽ هو اڳئين ڏي??هن ٻيهر عدالت ۾ پيش ٿيو جڏهن ته هُن ڄاتو ٿي ته هي ڪوڙو ۽ سياسي انتقام جو ڪيس آه?? پر هن عدالت جو مذاق نه اڏايو، جي آءِ ٽي ۾ به پيش ٿيو ۽ عدالت ۾ به پيش ٿيو. هن چيو ته شهباز شريف مُخالف ڌ??ر اڳواڻ هو، ٻه ڀيرا کيس گرفتار ڪيو ويو، هر ڏي??هن هو عدالت ۾ پيش ٿيندو هو، هن عدالتي نظام جو مذاق نه اڏايو. هن چيو ته عمران خان صدر پاڪستان جي آفيس کي به سياسي اکاڙو بڻائي رکيو آه??، جيڪو شخص اڄ چئي رهيو آه?? ته آمريڪي سازش نه ٿي هئي، ان شخص صدر کي آمريڪي سازش جو چئي پارليامينٽ ٽوڙڻ جو چيو، عمران خان چاهي ٿو ته صدر چيف اليڪشن ڪمشنر به بڻجي وڃي، هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ به. هن چيو ته جيڪو عدالت ۽ قانون جي ڳالهه نه ٿو مڃي اهو لاڏلو آه?? ۽ ان کي اها سهولت ڇو ميسر آه??؟ هن چيو ته اڄ پاڪستان جي عوام ڏسي رهي آه?? ته هڪ ڏوهاري کي بار بار آواز ڏنا پيا وڃن، ان جي لاءِ بار بار ڪارروائي ملتوي ڪئي پئي وڃي پر هو عدالت ۾ پيش ٿيڻ کان انڪار ??ند?? رهيو. هي شخص ماڻهن کي هاءِ ڪورٽ تي حملي آور ٿيڻ جي لاءِ اتساهي رهيو آه??. هن چيو ته هن شخص جيل ڀريو تحريڪ سان جيل ڀرڻي هئي هو گاڏي مان لهي جج صاحب آڏو پيش نه ٿي رهيو آه?? ته ڪٿي ان کي گرفتار نه ڪيو وڃي، ان جو وڪيل عدالت ک?? چئي رهيو آه?? ته هو پنهنجي رجسٽرار کي عمران خان وٽ گاڏي ۾ موڪلي صحيحون ڪرائي وٺي ڇو ته ان سان گڏ ماڻهو وڌيڪ آه?? هو عدالت ۾ پيش نه ٿو ٿي سگهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان پنهنجي اقتدار دوران رياستي طاقت ک?? پنهنجي سياسي مقصدن جي لاءِ استعمال ڪيو، اڄ هو هن ملڪ جي قانون ۽ آئين جو تماشو بڻائي رهيو آه?? ۽ ڪير پڇڻ وارو نه آه??. هن چيو ته عمران خان جي بدنيتي مان ثابت ٿئي ٿو ته هو جاچ ۾ شامل نه ٿيندو، ڏوهاري جو ڪنڊڪٽ ثابت ڪري ٿو ته جيڪو عدالت آڏو پيش نه ٿو ٿئي اهو ايف آءِ اي آڏو به پيش نه ٿيندو.