اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان نيشنل ڊيزاسٽر م??ني??مينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيا?? موجب اين ڊي ايم اي چيئرمين وزيراعظم کي ترڪيه ۽ شام جي زلزلي متاثرين جي بحالي جي حوالي سان پاڪستان پاران ريليف ۽ بحالي جي ڪاررواين کان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته ترڪيه جي لاءِ مجموعي طور تي 69 اڏامن جي ذ??يع?? 2686 ٽن خيما روانا ڪيا ويا آهن جڏهن ته 2597 ٽن امدادي سامان ترڪيه ۽ شام کي سامونڊي جهازن جي ذ??يع?? موڪليو ويو. وزيراعظم جي هدايت تي اين ڊي ايم اي 50 هزار خيما تيار ڪرايا آهن جن ۾ فائر پروف خيما پڻ شامل آهن. اين ڊي ايم اي هيستائين 26 خصوصي اڏامن جي ذ??يع?? 36402 سردي جي موسم جا خيما ترڪيه موڪليا ويا آهن.