وزيراعظم پاران بلوچستان واسي نوجوان جي متاثر ڪندڙ ڪهاڻي جي وڊيو شيئر

image

اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان واسي هڪ نوجوان جي متاثر ڪندڙ ڪهاڻي جي وڊيو شيئر ڪندي چيو آهي ته هي پاڪستان جو اثاثو آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته هن نوجوان پنهنجي حالتن کي پنهنجي ڪاروباري صلاحيتن ۾ گهٽتائي جو سبب بڻجڻ نه ڏنو. هن چيو ته بلوچي دستڪاري جي هڪ اسٽار اپ جي شروعات ڪندي هن نوجوان ڏيکاريو آهي ته اسان جا نوجوان ڪيترا باصلاحيت آهن. اها فن سان محبت ڪندڙن لاءِ هڪ دعوت ۽ پاڪستان جي لاءِ هڪ قابل فخر اثاثو آهي.

مضمون کا ماخذ : پاور بال آن لائن خریداری
متعلقہ مضامین
مزید خبریں