لاهور- 22 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ ترڪيه جي حڪومت، قيادت ۽ عوام کي عيدالفطر جون مبارڪون ڏنيون. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم ترڪيه ۾ 6 فيبر??ري جي زلزلي جي متاثرن لاءِ به دعا ڪئي ۽ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي مرحلي دوران ترڪيه سان گڏ بيهڻ جي پاڪستان ج?? عزم جو ورجاءُ ڪيو. صدر اردوان وزيراعظم جي عيد مبارڪ جو گرمجوشي سان ج??اب ڏنو ۽ پاڪستاني عوام لاءِ پنهنجي خصوصي ڀا??راڻي جذبن ۽ پيار جو اظهار ڪيو. ترڪ صدر زلزلي دوران مشڪل جي گهڙي ۾ ساڻن گڏ بيهڻ تي پاڪستاني عوام ۽ حڪومت جو شڪريو ادا ڪيو ۽ پيغام ڏنو ته هو پاڪستان ج?? امداد کي ڪڏهن به نه وساريندا. ترڪ صدر زلزلي کانپوءِ وزيراعظم جي ترڪيه جي د??ري کي به ساراهيندي چيو ته پاڪستان ج??ڪو قيادت جو مظاهرو ڪيو اهو سدائين ياد رکنداسين. ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ڀا??رن ملڪن وچ ۾ بهترين ٻطرفن لاڳاپن تي اطم??نا?? جو اظهار ڪيو ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن خاص طور تي واپار، معيشت، غذائي تحفظ ۽ متبادل توانائي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن سمورن اهم علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي هڪٻئي سان ويجهي رابطي ۾ رهڻ جي عزم جو ورجاءُ پڻ ڪيو. وزيراعظم صدر اردوان کي پاڪستان ج?? د??ري جي دعوت پڻ ڏني جنهن کي هن قبول ڪري ورتو.