قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ سنڌ جي مختلف علائقن کي سامونڊي طوفان سبب ٿيندڙ خطرن کان بچڻ لاءِ سلامتي جي دعا گهري وئي

image

اسلام آباد -13 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن سميت شهري علائقن کي سامونڊي طوفان کي نظر ۾ رکندي خطرن کان بچڻ لاءِ سلامتي ۽ خيريت جي دعا ڪئي وئي. قومي اسيمبلي ۾ وفاقي وزير شازيه عطا مري چيو ته سنڌ کي سامونڊي طوفان جو خطرو آهي، ايوان ۾ خيريت ۽ سلامتي لاءِ دعا ڪرائي وڃي. اسپيڪر جي چوڻ تي مولانا عبدالاڪبر چترالي ان حوالي سان ايوان ۾ دعا خير ڪرائي. مولانا عبدالاڪبر چترالي چيو ته الله ئي نفعو ۽ نقصان پهچائڻ وارو آهي ۽ حفاظت ڪرڻ وارو آهي، ڪا به ٻي طاقت ايئن نٿي ڪري سگهي.

مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپلی کیشنز کے فوائد
متعلقہ مضامین
مزید خبریں