اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ??ه مسلم ليگ (ن) واحد وفاقي پارٽي آهي ??نهن کي جڏهن به وطن پڪاريو?? ان هن ملڪ کي مصيبتن ۽ بحرانن جي منجهدار مان حفاظت سان ڪڍيو. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظ?? چيو ته هو قائد ميان محمد نواز شريف، پارٽي جي ساٿين ۽ عهديدارن ۽ ڪارڪنن جا ٿورا مڃي ٿو جن مون تي اعتماد جو اظهار ڪندي مون کي پارٽي جي صدارت لاءِ چونڊيو. پا??ست??ن مسلم ليگ نواز ميان محمد نواز شريف جي قيادت ۾ سياسي ارتقا جي مرحلن مان گذرندي ملڪ جي اها واحد وفاقي پارٽي بڻجي اڀري آهي ??نهن کي جڏهن جڏهن هن ملڪ پڪاريو?? ان هن ملڪ کي مصيبتن ۽ بحرانن جي منجهدار مان حفاظت سان ڪڍيو. هن چيو ته اهو پارٽي ڪارڪنن ۽ پارٽي قيادت جي وچ ۾ نه ٽٽندڙ رشتو ئي آهي ??نهن جي ڪري جيترا ڀيرا به ان کي دٻائي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، مسلم ليگ (ن) اڳ کان به وڌيڪ قوت ۽ عوامي حمايت سان ٻيهر اڀري. اڄ منهنجو هن ملڪ جي خدمت جو عزم وڌيڪ پڪو ٿي ويو آهي. هن چيو ته آئون چاهيان ٿو ته مون کي سدائين قائد ميان محمد نواز شريف جي هڪ اهڙي فرض شناس ڪارڪن ??ور ياد رکيو وڃي ته جنهن پنهنجون سموريون توانايون، صلاحيتون ۽ سگهه ملڪ پا??ست??ن ۽ ان جي ماڻهن جي خدمت ۾ لڳايون.