مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير طلحه محمود حج انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ منى پهچي ويو

image

مني -26 جون(اي پي پي) مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير طلحه محمود حج انتظامن جو جائزو وٺڻ ۽ حج جي فرض جي ادائيگي لاءِ منى پهچي ويو. مذهبي معاملن واري وفاقي وزير طلحه محمود منى جي خيمي ۾ مذهبي معاملن واري وزارت جي اختيارين سان ملاقات ڪئي. مذهبي معاملن واري وزارت جي اختيارين حج مشن بابت بريفنگ ڏني. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته حاجي سڳورن کي سهولتون فراهم ڪرڻ اسان جي اولين ترجيح آهي. سمورن حاجين کي خيمن ۾ پهچائڻ بعد وزارت جا عملدار خيمن ۾ ويندا.

مضمون کا ماخذ : melhores loterias do Brasil
متعلقہ مضامین
مزید خبریں