اسلام آباد-30 جون (اي پي پي) پاڪس??ان ۽ بين الاقوامي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) وچ ۾ اسٽاف ليول م??اه??و طئي ٿي ويو آهي. بين الاقوامي مالياتي فنڊ آءِ ايم ايف جي اسٽاف ٽيم ناٿن پورٽر جي اڳواڻيءَ ۾ پاڪستاني عملدارن سان ذاتي طور ۽ ورچوئل ميٽنگ ڪئي ته جيئن آءِ ايم ايف طرفان اسٽينڊ باءِ ارينجمي??ٽ تحت پاڪس??ان لاءِ هڪ نئين مالياتي انگيجمي??ٽ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪري سگهجي. مشن جي پڄاڻيءَ تي پورٽل پڌرائي جاري ڪيو جنهن ۾ هن چيو ته مون کي اهو اعلان ڪندي خوشي ٿي رهي آهي ته آءِ ايم ايف جي ٽيم پاڪستاني عملدارن سان اسٽاف سطح تي 2250 ملين ايس ڊي آر (تقريبن 3 بلين ڊالر يا 111 سيڪڙو آءِ ايم ايف ڪوٽا) جي رقم ۾ 9 مهينن جي اسٽينڊ باءِ ارينجمي??ٽ تي م??اه??و ٿي ويو آهي. نئين ايس بي اي پاڪس??ان جي 2019ع اي ايف ايف سپورٽ يافته پروگرام تحت عملدارن جي ڪوششن تي ٻَڌل آهي جيڪو جون جي آخر ۾ ختم ٿي رهيو آهي. هي م??اه??و آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جي منظوريءَ سان مشروط آهي جنهن سان توقع آهي ته جولاءِ جي وچ تائين ان درخواست تي غور ڪيو ويندو. آگسٽ 2022ع ۾ 2019ع جي توسيع فنڊ سهولت (اي ايف ايف) تحت گڏيل ستين ۽ اٺين جائزن جي تڪميل کانپوءِ معيشت کي ڪيترن ئي پرڏيهي مشڪلاتن جو مُنهن ڏسڻو پيو. جن ۾ 2022ع ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جنهن ۾ لکيل پاڪستاني ۽ يوڪرين ۾ روس جي جنگ جي نتيجي ۾ بين الاقوامي جنسن جي قيمتن ۾ واڌ شامل آهي. ان مشڪلاتن سان گڏوگڏ ڪجهه پاليسيون غلطيون مٽاسٽا جي ناڻي جي مارڪيٽ جي ڪم ڪرڻ ۾ رڪاوٽن سبب معاشي ترقي رڪجي وئي ۽ ضروري شين سميت مهانگائي تمام گهڻي آهي. پڌرائيءَ مطابق نئين اسٽينڊ باءِ ارينجمينٽ م??اه??و هاڻوڪي پرڏيهي مشڪلاتن سان معيشت کي مستحڪم ڪرڻ، ميڪرو اڪنامڪ استحڪام کي برقرار رکڻ ۽ گهڻ رُخي ٻه طرفن شراڪتدارن سان فنانسنگ لاءِ هڪ فريم ورڪ فراهم ڪرڻ لاءِ عملدارن جي فوري ڪوششن جي حمايت ڪندو. نئون ايس بي اي م??اه??و پاڪستاني عوام جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ مدد لاءِ ملڪي آمدنيءَ کي بهتر بنائڻ ۽ محتاط خرچن تي عملدرآمد ذريعي سماجي ۽ ترقياتي خرچن جي لاءِ به جڳهه پيدا ڪندو. آءِ ايم ايف طرفان چيو ويو آهي ته پاڪس??ان جي موجوده چئلينجز تي ضابطو آڻڻ لاءِ مستحڪم پاليسيءَ تي عملدرآمد مُک حيثيت رکي ٿو. مالياتي نظم و ضبط، پرڏيهي دٻاءُ کي جذب ڪرڻ لاءِ مارڪيٽ جو تعين ٿيل مٽاسٽا جي ناڻي جي شرح ۽ سڌارن تي وڌيڪ اڳڀرائي خاص طور تي توانائي جي شعبي ۾، موسمياتي لچڪ کي هٿي ڏيڻ ۽ بهتر بنائڻ ۾ مدد ڪرڻ آهي. پڌرائيءَ ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته م??اه??و پاڪس??ان جي پرڏيهي ادائگين جي دٻاءُ کي گهٽ ڪندو ۽ م??اه??ي سان سماجي شعبي جي لاءِ فنڊز جي فراهمي بهتر ٿيندي، جڏ??ن ته م??اه??و پاڪس??ان ۾ ٽيڪسز جي آمدني وڌائيندو ۽ ٽيڪسز جي آمدني وڌڻ سان عوام جي ترقيءَ لاءِ فنڊ پڻ وڌي سگهندا. م??اه??و پاڪس??ان ۾ مالياتي نظم و ضبط جو سبب بڻجندو ۽ م??اه??ي سان توانائي جي سڌارن کي يقيني بڻايو ويندو، جڏ??ن ته ايڪسچينج ريٽ کي مارڪيٽ جي حساب سان مقرر ڪيو ويندو. آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته پاڪس??ان سان 9 مهينن جو اسٽينڊ باءِ جو م??اه??و طئي ٿي ويو آهي. م??اه??ي سان پاڪس??ان کي پرڏيهي ملڪن ۽ مالياتي ادارن مان فنانسنگ دستياب ٿي سگهندا.