اسلام آباد – 13 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جي دعوت تي 14 کان 15 جون ??ائين آذربائيجان جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب آذربائيجان سان تعاون ??ي ترجيحي شعبن جي نمائندگي ڪندڙ وزير وزيراعظم جي وفد جو حصو هوندا. وزيراعظم محمد شهباز شريف صدر الهام عليوف سان واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي سميت تعاون ??ي اهم شعبن تي وسيع ??ال??ه ٻولهه ڪندو جڏهن ته هو گهڻ رخي فورمن ۾ گڏ??ل ڳڻتي ۽ تعاون ??ي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. بيان موجب پاڪستان ۽ آذربائيجان جا لاڳاپا عقيدي، ثقافت ۽ تاريخ جي هڪ جهڙائي سان ڳنڍيل آهن ۽ گڏ??ل اعتماد ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي نظرين جي مٽاسٽا سان مضبوط آهن. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته قيادت جي سطح تي لاڳيتي مٽاسٽا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي جي رشتن کي اجاگر ۽ پاڪستان ۽ آذربائيجان جي عوام جي گڏ??ل فائدي ??ي لاءِ ويجهي گهڻ رخي تعاون ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.