ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد جي نالي سان منسوب ايوينيو جو افتتاح ڪري وزيراعظم شهباز شريف شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي: مريم اورنگزيب

image

اسلام آباد – 14 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته دشمن کان به پنهنجي بي مثال شجاعت ۽ بهادري جو اعتراف ڪرائيندڙ قوم جي هيرو ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد جي نالي سان منسوب ايوينيو جو افتتاح ڪري وزيراعظم شهباز شريف شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته 9 مئي سانحي کانپوءِ اهو قوم پاران پنهنجي شهيدن ۽ غازين کي سلام ۽ شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي ڪندڙن کي پيغام آهي ته اسان پنهنجي شهيدن جي عزت ۽ تڪريم ڪريون ٿا.

مضمون کا ماخذ : خوش قسمتی کا رش
متعلقہ مضامین
مزید خبریں