اسلام آباد – 08 جولاءِ (اي پي پي) صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي پاڪ فوج جي شهيدن جي خاندانن ??ان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪندي سندن خدمتن کي ساراهيو. ايوان صدر ميڊيا ونگ طرفان جاري پڌرائي م??ابق ??در مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي 2 جولاءِ ??ي بلوچستان ۾ شهيد ٿيل ??يج?? ثاقب باجوه ۽ نائيڪ علي باقر جي وارثن سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن 20 جون تي اتر وزيرستان ۾ شهيد ٿيل سپاهي گل رئوف جي وارثن سان پڻ افسوس جو اظهار ڪيو. صدر مملڪت شهيدن ۽ سنهن جي خاندانن ??ي حب الوطني جي جذبي کي سلام پيش ڪيو ۽ قوم طرفان شهيدن ۽ سندن خاندانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر مملڪت شهيدن جي فرض سان لگن ۽ وطن لاءِ قرباني جو پڻ اعتراف ڪيو. هن شهيدن لاءِ ??رجن جي بلندي ۽ وارثن لاءِ ??بر جي دعا ڪئي.