وزيراعظم محمد شهباز شريف سان وزيراعظم جي صلاحڪار انجنيئر امير مقام جي ملاقات

image

اسلام آباد – 13 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان وزيراعظم جي صلاحڪار انجنيئر امير مقام ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ٿي. انجنيئر امير مقام پشاور جي تازي دوري دوران ضم ٿيل ضلعن جي لاءِ يونيورسٽي قائم ڪرڻ سان انهن علائقن جي باصلاحيت نوجوانن کي عالمي معيار جي تعليم جا موقعا فراهم ڪرڻ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جا ٿورا مڃيا.

مضمون کا ماخذ : لاٹری کے نتائج
متعلقہ مضامین
مزید خبریں