ڪراچي-26 آگسٽ (اي پي پي)صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عوام آمدني واپار جي بار کي گهٽ ڪرڻ لاءِ غير ملڪي شين بدران مقامي مصنوعات جي استعمال کي هٿي ڏي. اهڙو اظهار هن مقامي هوٽل ۾ ميڊ ان پا??ستان موومينٽ ۽ ميڊ ان پا??ستان ڪانفرنس ۽ سڃاڻپ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر مملڪت چيو ته اسان مقامي مصنوعات کي هٿي وٺرائي سگهون ٿا، واپاري برادري برانڊ پا??ستان لاءِ سخت محنت ڪري، هن پا??ستاني مصنوعات جي ٽريڪ رڪارڊ کي ساراهيندي چيو ته پا??ستاني مصنوعات عالمي سطح تي پذيرائي حاصل ڪئي آهي، عالمي سطح تي ميڊ ان پا??ستان مصنوعات کي هٿي وٺرائڻ جي ضرورت آهي، هن واپاري اڳواڻن ۽ ملڪ جي ??وج??انن کي چيو ته هو سماجي مسئلن کي صحيح ڪرڻ ۽ مقامي مصنوعات کي هٿي وٺرائڻ لاءِ فعال ڪردار ادا ڪن. صدر چيو ته اميرن کي گهرجي ته هو ضرورتمندن جي مدد ڪن، تقريب ۾ مشهور شخصيتن شرڪت ڪئي جن ۾ ميڊ ان پا??ستان تحريڪ جو باني رضو??ن جعفر پڻ شامل هو.