ني??يا??ڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ني??يا??ڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف سان ملاقات ڪئ??. ٻنهي ڌرين سياسي، واپاري، اقتصادي، سلامتي، دفاع ۽ رابطن سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئ??. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا و??گ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم گذريل ڪجهه سالن ۾ ٻطرفي تعاون جي وڌندڙ سطح تي اطمينان جو اظهار ڪندي ان رفتار کي برقرار رکڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ترجيحي واپاري معاهدي (پي ٽي اي) ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمنٽ (يو ٽي ٽي اي) کي فعال ڪرڻ سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ ٽرانزٽ کي فروغ ملندو. ٻنهي ڌرين علائقائي اقتصادي انضمام کي فروغ ڏيڻ ۽ بين العلائقائي رابطن جي لاءِ فعال ڪردار اداڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. نگران وزيراعظم ٽرانس افغان ريلوي منص??بي جي وقت سر تڪميل جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن اهو به چيو ته علائقائي رابطن، واپار ۽ اقتصادي انضمام جو افغانستان تي به م??تحڪم اثر پوندو. هن خطي جي تازي اڳڀرائي ۽ علائقائي سلامتي ۽ استحڪام سان لاڳاپيل معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئ??.