اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران پرڏيه?? وزير جليل عباس جيلاني ڪالهه اربع ڏينهن جده ۾ اسلامي تعاون تنظيم جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي هنگام?? وزارتي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اهو اجلاس پاڪستان ۽ سعودي عرب گڏيل طور تي گهرايو هو جنهن ۾ غزه جي بحران ۽ اتي محصور شهرين جي انساني صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پنهنجي بيان ۾ نگران پرڏيه?? وزير غزه تي اسرائيلي جارحيت ۽ غيرانساني ناڪابندي جي شديد مذمت ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ فوتگيون، تباهي ۽ ماڻهو بي گهر ٿي رهيا آهن. هن گذريل ڏينهن غزه جي هڪ اسپتال تي اسرائيلي حملي ۾ بيگناهه شهرين جي قتلام جي مذمت ڪئي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسرائيلي قابض فوج عالمي انساني حقن جي قانو??ن جي واضح خلاف ورزي ڪري رهي آهي ۽ ان جو طاق?? جو انڌاڌنڌ ۽ غيرمتناسب استعمال جنگي ڏوهه ۽ انسانيت جي خلاف ڏوهن جي برابر آهي. هن عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته اها اسرائيل کان ان ڏوهه جو پُڇاڻو ڪري. نگران پرڏيه?? وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسرائيل کي فوري طور تي جنگ بندي، غزه جو گهيراءُ ختم ڪرڻ ۽ فلسطينين کي انهنجي گهرن مان زوري ڪڍڻ واري دهشتگردي جي مهم جو فوري خاتمو ڪرڻ گهرجي. هن غزه ۾ تيز رفتار، محفوظ ۽ غيرمحدود انساني ۽ امدادي سامان جي فراهمي جي لاءِ انساني همدرديءَ جي لنگهن جي فوري ضرورت تي پڻ زور ڏنو. نگران پرڏيه?? وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته تازي تڪرار جو بنيادي سبب ٻه رياستي حل تي عملدرآمد نه ٿيڻ آهي. هن فلسطيني عوام ۽ انهن جي خودمختياري جي حق جي لاءِ پاڪستان جي يڪجهتي ۽ حماي?? جو ورجاءُ ڪيو. هن جون 1967ع کان اڳ جي سرحدن جي بنياد تي ۽ القدس الشريف کي ان جو گادي وارو شهر قرار ڏيندي فلسطين جي هڪ قابل عمل، محفوظ، لڳولڳ ۽ خودمختيار رياست جي جلد قيام تي زور ڏنو. ان موقعي تي نگران پرڏيه?? وزير گيمبيا، ايران، ڪويت، سعودي عرب ۽ ترڪيه جي پرڏيه?? وزيرن سان پڻ ملاقاتون ڪيون.