ڪويت – 29 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان ڪويت سان پنهنجي ل??ڳا??ن کي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، توانائي، آءِ ٽي، معدنيات، سيرپڪاري سميت مضبوط اقتصادي رابطا قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم آفيس ج?? ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ولي عهد شيخ مشعل الاحمد الجابر الصباح سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم ڪويت سان پاڪستان جي ل??ڳا??ن جي اهميت جو ورجاءُ ڪندي مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خواهش جو ا??ها?? ڪيو. نگران وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهڻ رخي فورزم تي ويجهي تعاون تي اطمينان جو ا??ها?? ڪيو. هن صحت، سيڪيورٽي، انفراسٽرڪچر جي شعبن ۾ پاڪستاني افرادي قوت جي ڀرتي تي ڪويت جي قدمن کي ساراهيو. ڪويت جي ولي عهد پاڪستان سان ٻطرفن ل??ڳا??ن کي وڌيڪ مضبوط ۽ وسيع بڻائڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. نگران وزيراعظم ڪويت جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي آهي جنهن جو بنيادي مقصد ڇهن ڏهاڪن کا?? ٻنهي ملڪن جي گڏ??ل ل??ڳا??ن کي اقتصادي ل??ڳا??ن ۾ بدلائڻ جي لاءِ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪيون پيون وڃن.