اسلام آباد – 07 – ??سم??ر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته پاڪستان گڏيل قومن جي چارٽر جي آرٽيڪل 99 تحت عالمي اداري جي سي??ريٽري جنرل جي ان مطالبي کي ساراهيندي ان جي حمايت ڪري ٿو جنهن ۾ سلامت?? ڪائونسل تي ز??ر ڏنو ويو آهي ته اها غزه ۾ انساني تباهي کي روڪي ۽ فوري جنگبندي جو اعلان ڪري. هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته گڏيل قومن جي سلامت?? ڪائونسل کي فلسطينين جي جانين جي تحفظ ۽ ان سانحي کي روڪڻ جي لاءِ هاڻ?? ڪارروائي ڪرڻ گهرجي.