اسلام آباد – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته امن ?? استحڪام اسان جي اولين ترجيح آهي، بي اين اي جي سربراهه سرفراز بنگ??زئ?? عرف مريد بلوچ جو ساٿين سميت هٿيار اڇلائڻ پاڪستان ۽ بلوچستان جي لاءِ خوش آئنده اڳڀرائي آهي. ايڪس تي جاري ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته بي اين اي جي اڳوڻي سربراهه گلزار امام شمبي جي ويجهي ماضي ۾ گرفتاري کانپوءِ قومي ڌارا ۾ آڻڻ کانپوءِ هي ٻي وڏي اهم اڳڀرائي آهي. هن چيو ته عليحدگي پسند عسڪريت پسندن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ جي لاءِ اسان جي رياست ۽ ادارا هڪ هم اهنگي جي موقف کي شموليت جي ذر??عي امن کي اختيار ڪندي فروغ ڏئي رهيا آهن، هي قدم پائيدار امن، افهام تفهيم کي فروغ ڏيڻ ۽ ڪميونٽيز جي نئين سر تع??ير جو عڪاس آهي. هن چيو ته گڏجي اسان پنهنجي ايندڙ نسلن جي لاءِ هڪ هم آهنگ ۽ م??فو?? مستقبل جي راهه هموار ڪري رهيا آهيون. هن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ انٽيلي جنس ايجنسين خاص طور تي آئي ايس آئي جي ڪوششن کي ساراهيو جن ان مُشڪل ڳجهي آپريشن جي قيادت ۽ منصوبابندي ڪئي ۽ ان کي انجام تائين پهچايو.