اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته قائداعظم محمد علي جناح جي جدوجهد اڄ جي ساستدانن جي لاءِ مثال آهي، قائداعظم قانون جي حڪمراني تي يقين رکندو هو، قائداعظم قانونن ??ي اندر رهندي پنهنجي س??اس?? جدوجهد ڪئي، ڪنهن قانون ۾ تبديلي جو رستو رڳو پرامن س??اس?? جدوجهد ۾ موجود آهي، اسان کي ملڪ ??ي اصل مسئلن طرف ڌيان ڏيڻ گهرجي، آئين ۾ لکيل آهي ته هي ملڪ ان جا چونڊيل نمائندا هلائيندا، جيترو جلد اسان ان طرف وينداسين اهو سڀني جي لاءِ بهتر هوندو. ”اي آر وائي“ نيوز چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته قائداعظم محمد علي جناح ق??نون جي حڪمراني تي يقين رکندو هو، ان وقت انگريز دور ۾ نئون آبادياتي قانون هو، قائداعظم ان دور جي قانونن ??ي اندر رهندي پنهنجي س??اس?? جدوجهد ڪئي، قائداعظم جي جدوجهد اڄ جي سياستدانن جي لاءِ هڪ مثال آهي. هن چيو ته ڪنهن قانون ??ي اختلاف ته ٿي سگهي ٿو پر ان ۾ تبديلي جو رستو رڳو پرامن س??اس?? جدوجهد ۾ موجود آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته امي??وا??ن کان نامزدگي ڪاغذ کسڻ جي واقعن جو اليڪشن ڪميشن نوٽيس ورتو آهي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته وزيراعظم آفيس ۽ سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ جي وچ ۾ انٽرنل ڪميونيڪشن معمول جو حصو آهي، جيڪڏهن ڪنهن کي عهدي تان هٽائڻو هجي ته ان جي لاءِ قانوني پراسيس موجود آهي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن بااختيار ادارو آهي، جيڪڏهن ڪٿي بي ضابطگي ٿي ته اليڪشن ڪميشن ايڪشن کڻي سگهي ٿي. هن چيو ته اسان کي پنهن??ي ادارن ??ي اعتماد ڪرڻ گهرجي، اسان کي ملڪ ??ي اصل مسئلن طرف ڌيان ڏيڻ گهرجي، اسان جو ملڪ هڪ آهي، ملڪ جي بهتري جي لاءِ اسان سڀني کي گڏجي پنهنجو حصو وجهڻ گهرجي. هن چيو ته اسان جي آئين ۾ لکيل آهي ته هي ملڪ ان جا چونڊيل نمائندا هلائيندا، جيترو جلد اسان ان طرف وينداسين اهو سڀني جي لاءِ بهتر هوندو.