اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ حريت ڄمون ۽ ڪشمير کي پنج سال جي مدي لاءِ ”غيرقانوني تنظيم“ قر??ر ڏيڻ جي ڀارتي عملدارن جي فيصلي جي شديد مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب تحريڪ حريت ڄمون ۽ ڪشمير ٻي ڪشميري پارٽي آهي جنهن کي ڀارت غيرقانوني سرگرمين جي (روڪٿام) ايڪٽ تحت هڪ هفتي کان به گهٽ عرصي ۾ ڪالعدم قر??ر ڏنو آهي، ان تي پابندي کانپوءِ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪالعدم ڪشميري سياسي پارٽين جو انگ 6 ٿي ويو آهي. بيان موجب تحريڪ حريت ڄمون ۽ ڪشمير جو بنياد ناليواري ڪشميري اڳواڻ سيد علي شاهه گيلاني رکيو هو جنهن جو 2021ع ۾ ڊگه?? نظربندي دوران لاڏاڻو ٿي ويو هو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته قابض عملدارن سندس ميت کي بي رحمي سان کسي ورتو ۽ ان جي ويجهي مائٽن کي سندس جنازي ۾ شرڪت جي اجازت نه ڏني وئي. ترجمان چيو ته سياسي پارٽين تي پابندي ڪشميري عوام کي محڪوم بڻائڻ، اختلاف راءِ کي دٻائڻ ۽ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير تي پنهنجي قبضي کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ڀارت جي ڪڌي مهم جو حصو آهي، اهي ڪارروايون جمهوري اصولن ۽ عالمي انساني حقن سميت انسان?? قانونن جي واضح خلاف ورزي آهن. بيان موجب ڀارت کي والاريل ڪشمير ۾ غيرقانوني طور تي ڪالعدم قر??ر ڏني ويندڙ سمورين سياسي پارٽين تان پابندي هٽائڻ گهرجي، ڪشميري عوام جي بنيادي حقن ۽ آزادين جو احترام ڪرڻ گهرجي، سمورن سياسي قيدين کي آزاد ۽ ڄمون ۽ ڪشمير بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ڪرڻ گهرجي.