اسلام آباد – 09 – جنوري (اي پي پي) نگران و??ير??عظم انوارالحق ڪاڪڙ آفريقي ۽ ايشيائي ملڪن سان واپاري ۽ اقتصادي رابطا وڌائڻ ۽ غزه ۾ تشدد جي خاتمي ۽ فلسطين ۾ پائيدار ??من جي لاءِ گڏيل ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران و??ير??عظم انوارالحق ڪاڪڙ سان آفريقي ۽ ايشيائي ملڪن جي سفيرن جي هڪ گروپ مانجهاندي تي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران الجزائر ۽ سوڊان جي سفيرن سان گڏوگڏ بنگلاديش، برونائي، ملائيشيا، ماريشيس ۽ ڏکڻ آفريقا جا هاءِ ڪمشنرز پڻ موجود هئا جڏهن ته ايٿوپيا، انڊونيشيا، ڪينيا، نائجيريا، صوماليه، تيونس ۽ زمبابوي جا ناظم الامور پڻ ان موقعي تي موجود هئا. نگران و??ير??عظم آفريقا سان پاڪستان جي لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن آفريقي ملڪن سان ٻطرفي ۽ علائقائي سطح تي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. نگران و??ير??عظم پاڪستان ۽ آفريقا جي وچ ۾ گذريل سالن دوران بهترين سياسي لاڳاپن جو اعتراف ڪندي واپاري ۽ اقتصادي رابطن کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته چوٿين پاڪستان آفريقا واپاري ڪانفرنس مصر جي شهر قاهره ۾ 9 کان 11 جنوري 2024ع تائين جاري آهي جنهن ۾ پاڪستان جي نمائندگي واپار واري نگران وفاقي وزير جي قيادت ۾ هڪ وڏو واپاري وفد ڪري رهيو آهي. هن ڏکڻ اوڀر ايشيائي ملڪن خاص طور تي برونائي، انڊونيشيا ۽ ملائيشيا سان پاڪستان جي تاريخي لاڳاپن کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان انهن اهم ملڪن سان ٻطرفي واپاري لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي ۽ آسيان سان پاڪستان جي مصروفيتن کي مضبوط بڻائڻ ۾ انهن سان تعاون جو خواهشمند آهي. غزه ۾ جاري صورتحال جو ذڪر ڪندي نگران و??ير??عظم گڏيل قومن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ تشدد جي خاتمي ۽ فلسطين ۾ پائيدار ??من قائم ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. نگران و??ير??عظم پاڪستان ۽ انهن جي لاڳاپيل ملڪن سان مضبوط لاڳاپا قائم ڪرڻ ??ي ڪوششن تي سفيرن کي ساراهيو. سفيرن انهن سان ڳالهه ٻولهه جي لاءِ وقت ڪڍڻ تي نگران و??ير??عظم جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته اهي ٻطرفي لاڳاپن کي وڌائڻ جي لا??ِ پاڪستان سان گڏ??ي ڪم ڪندا رهندا.