اسلام آباد – 29 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي عدليه جي خلاف ڪڌي مهم هلائي وئي ج??هن تي نوٽيس جاري ڪيا ويا، سوشل ميڊيا تي صحافين ۽ يوٽيو??رز کي هراسان ڪرڻ جي پروپئگنڊه ڪئي پئي وڃي، ڪ??هن کي نوٽيس جاري ڪرڻ هراسان ڪرڻ جي زمري ۾ نه ٿو اچي. ”جي ٽي وي“ جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته قانوين طور تي ايف آءِ اي کي نوٽيس جاري ڪرڻ جو اختيار آهي، ايف آءِ اي 32 صحافين، يوٽيو??رز ۽ 22 سياسي ماڻهن کي نوٽيس جاري ڪيا آهن ته اهي فلاڻي تاريخ تي پنهنجو موقف ڏيڻ جي لاءِ اچن. هن چيو ته اڃا تائين اهي نوٽيس برقرار آهن، واپس ناهن ٿيا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ت?? آئين جي آرٽيڪل 19 تحت تنقيد کي آئيني تحف?? حاصل آهي پر تنقيد جي نالي تي ڪ??هن جي تذليل يا توهين ڪرڻ آئين جي ان آرٽيڪل جي دائري ۾ نٿو اچي. هن چيو ته ڪو به شخص قانون کان مٿانهون نه آهي، جيڪڏهن ڪ??هن قانون جي خلاف ورزي ڪئي آهي ته ان کي قانون کي م??هن ڏيڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وفاقي وزير چيو ته اخبارن ۾ ڪ??هن خبر جي تصديق جي لاءِ گيٽ ڪيپر جو نظام موجود هوندو آهي، ان نظام تحت اها تصديق ڪئي وڃي ٿي ته فلاڻي معلومات صحيح آهي يا نه پر سوشل ميڊيا تي ڪجهه يوٽيو??رز هڪ نئين سياسي معيشت تخليق ڪري ڇڏي آهي ته جيڪو جيترو وڏو ڪوڙ ۽ پروپئگنڊه ڪندو، ان جا ويوز ايترا وڌيڪ ايندا. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته قانون جي خلاف ورزي تي پي ٽي اي ڪ??هن به ويب سائيٽ کي بند ڪري سگهي ٿي، جيڪڏهن ڪا خاص ويب سائيٽ بند ٿي آهي ۽ جيڪڏهن قانون جي خلاف ورزي ناهي ڪئي ته ان جي شڪايت پي ٽي اي کي ڪري سگهجي ٿي.