اسلام آباد– 09 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪست??ن ۽ ترڪيه جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان جي وچ ۾ ٽيليفونڪ راب??ي ۾ عيدالفطر جي مبارڪباد جي مٽاسٽا ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن عيدالفطر جي خوشي جي موقعي تي پاڪست??ن ۽ ترڪ عوام جي لاءِ امن، خوشحالي ۽ اتحاد جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهري ۽ تاريخي لاڳاپن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته اهي بنيادي قومي مفادن تي هڪ ٻئي جي ڀرپور حمايت جاري رکندا. ٻنهي اڳواڻن فلسطين ۾ امن قائم ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم صدر اردوان کي جلد کان جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني. ان دوري سان اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل جو ستون اجلاس پڻ منعقد ٿيڻ جا امڪان روشن ٿي ويندا.