اسلام آباد – 28 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪي معيشت ۾ ايف بي آر جو اهم ڪردار آهي، اسان کي گڏجي ملڪي ترقي جي لاءِ ڪم ڪرڻو آهي، ايف بي آر ۾ جاري ??ڌارن ۽ اوڳاڙين جي حوالي سان هفتيوار جائزه اج??اس جي صدارت پاڻ ڪندس. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ??يان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ فيڊرل بورڊ آف روينيو جي معاملن تي اهم اج??اس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اج??اس ۾ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ، قومي اسيمبلي ميمبرن بلال اظهر ڪياني، بئريسٽر عقيل ملڪ، بئريسٽر دانيال چوڌري، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل، ايف بي آر چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري ??فيسرن ش??ڪت ڪئي. اج??اس جي ش??ڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ملڪي معيشت ۾ ايف بي آر جو اهم ڪردار آهي. هن چيو ته اسان کي گڏجي ملڪي ترقي جي لاءِ ڪم ڪرڻو آهي. هن هدايت ڪئي ته ايف بي آر جي مختلف عدالتن ?? ٽربيونلز ۾ التوا هيٺ ڪيسز جي حوالي سان بهترين وڪيلن جون خدمتون حاصل ڪيون وڃن. هن چيو ته ايف بي آر ۾ جاري ??ڌارن ۽ اوڳاڙين جي حوالي سان هفتيوار جائزه اج??اس جي صدارت پاڻ ڪندس. هن هدايت ڪئي ته ٽيڪس بابت ڪيسن کي جلد اڪلائڻ جي لاءِ ان لينڊ روينيو ايپيلي?? ٽربيونلز سان گڏ ڪسٽمز ايپيلي?? ٽربيونلز جو قيام پڻ عمل ۾ آندو وڃي. وزيراعظم ايف بي آر جي سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ آفيسرن جي لاءِ اعزاز ڏيڻ جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت پڻ ڪئي. اج??اس کي ڏني ويندڙ بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ايپيلي?? ٽربيونلز ان لينڊ روينيو قائم ڪرڻ جي حوالي سان ڪم جي شروعات ٿي چڪي آهي، انهن ٽربيونلز ۾ ججز جي مقرري ??ي حوالي سان شفاف لکت وارو امتحان منعقد ڪيو ويندو.