اسلام آباد – 26 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان جمعي ڏينهن پاڪستان ۾ اٽلي جي سفير ميريلينا ارميلن ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪ – اٽلي ٻه طرفن پارلياماني ۽ واپاري لاڳاپن سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر ان موقعي تي چيو ته پاڪستان اٽلي سان پنهنجي پراڻن ??وس??اڻن لاڳاپن کي نهايت اهميت ڏئي ٿو، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا هميشه خيرسگال?? ۽ ??عتماد تي ٻڌل رهيا آهن. اسپيڪر چيو ته پاڪستان اٽلي سميت سمورن ??وس?? ملڪن سان گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جو خواهشمند آهي، پارلياماني سفارتڪاري ذريعي ٻنهي ملڪن جي عوام کي وڌيڪ وي??هو آڻي سگهجي ٿو، پارلياماني وفدن جي مٽا سٽا ۽ فعال پاڪ-اٽلي پارلياماني فرينڊشپ گروپ سان گڏيل لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. اٽلي جي سفير اسپيڪر جي اٽلي لاءِ خير سگالي جي جذبن جي اظهار ۽ ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي خواهش تي ٿورو مڃيو ۽ اٽلي جي پاڪستان سان اسٽريٽجڪ ڀائيواري کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.