اسلام آباد-25 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان پوسٽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي گولڊن جوبلي جي موقعي تي يادگاري ٽپال ٽڪلي جاري ڪري ڇڏي. ان سلسلي ۾ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۾ هڪ شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي. پاڪستان پوسٽ ۽ يونيورسٽي انتظاميه گولڊن جوبلي جي موقعي تي يادگاري ٽپال ٽڪلي جي مهورت ڪئي. تقريب ?? صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين ?? پاڪستان پوسٽ جو ڊائريڪٽر جنرل سميع الله خان خاص مهمان هئا. ان اهم سن?? ميل کي خصوصي ٽپال ٽڪليون جاري ڪرڻ سان ملهايو ويو جيڪو معياري تعليم فراهم ڪرڻ ۽ معاشري تي ??ن جي اثرن لاءِ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي چاهه جي ع??امت آهي. پنهنجي خطاب ۾ راڻا تنوير حسين پاڪستان ۾ تعليم جي شعبي ۾ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي نمايان خدمتن کي ساراهيو. هن چيو ته علامه اقبال اوپن يونيورسٽي سڀني لاءِ پهچ جوڳي تعليم کي هٿي ڏيڻ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ هي يادگاري ٽپال ٽڪلي ع??امه اقبال اوپن يونيورسٽي جي گولڊن جوبلي جي موقعي تي پاڪستان پوسٽ طرف??ن جاري ڪئي پئي وڃي جيڪو ساراهه جوڳو قدم آهي.