راولپنڊي -28 جولاءِ (اي پي پي) حڪومتي ٽ??م ۽ جماعت اسلامي وچ ۾ ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن، حڪومتي ڳالهين واري ٽ??م ۾ سڌ سماءَ وارو وفا?سلاٹ_فادر/116821.html">?ي وزير عطا الله تارڙ، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان وارو وفا?سلاٹ_فادر/116821.html">?ي وزير انجنيئر امير مقام، مسلم ليگ (ن) جو سينئر اڳواڻ طارق فضل چوڌري، وزيراعظم جو ميڊيا ڪو آرڊينيٽر بدر شهباز شامل آهن. جڏهن ته جماعت اسلامي جي وفد جي اڳواڻي لياقت بلوچ ڪري رهيو آهي، ان کان اڳ ڳالهه ڪمشنر راولپنڊي جي آفيس آمد تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وفا?سلاٹ_فادر/116821.html">?ي وزير عطاالله تارڙ چيو ته جماعت اسلامي جي اڳواڻن سان ڳالهين کان پوءِ سمورن معاملن کان آگاهه ڪيو ويندو، اسان طرفان ڳالهين جي ٽ??م ۾ ڪا به تبديلي نه ڪئي ويئي، اويس لغاري ملڪ ۾ موجود ناهي، هو چين ويو آهي. هن چيو ته جماعت اسلامي جي اڳواڻن سان گڏجي ويهي ڳالهائينداسين، جماعت اسلامي جا بلن بابت معاملا آهن انهن جا خدشا ختم ڪنداسين. هن چيو ته 200 يونٽن تائين استعمال ڪندڙ بجلي صارفين کي اڳ ئي 50 ارب رپين جي سبسڊي ڏني وئي آهي. حڪومت سولر پراجيڪٽس به شروع ڪري رهي آهي. ڊيزل ۽ تيل تي هلندڙ پلانٽس کي بند ڪيو ويندو، سولر ٽيوب ويل لڳڻ سان بجلي جي کپت ۾ گهٽتائي ايندي. انهن قدمن جو مقصد سستي ۽ معياري بجلي پيدا ڪري بجلي جي قيمتن کي گهٽ ڪرڻ آهي.