ڪراچي-02 آگسٽ (اي پي پي) ترڪيه جي بحريه جو جهاز ڪنالياڊا پاڪستان جي خير سگالي واري دوري جي تڪميل کانپوءِ پاڪ بحريه ۽ ترڪيه جي بحريه جي جهازن عربي سمنڊ جي اتر ۾ گڏيل پيٽرولنگ ۽ سامو??ڊي مشقون ڪيون. پاڪ بحريه طرفان جاري بيان موجب انهن مشقن ۾ مختلف سامو??ڊي آپريشنز سميت غير روايتي خطرن خلاف دفاع، Visit Board Search & Seizure (VBSS) ۽ ايئر ڊفينس مشقون شامل هيون، جن جو مقصد پيشيوراڻي مهارت کي بهتر بڻائڻ ۽ ٻنهي ملڪ جي سامو??ڊي فوج وچ ۾ گڏيل تعاون کي وڌائڻ آهي ان کان اڳ دوري دوران ترڪ جي بحريه جي چيف آف اسٽاف وائيس ايڊمرل ابراهيم اوزديم جي اڳواڻي ۾ ترڪيه جي بحريه جي وفد پاڪ بحريه جي فيلڊ ڪمانڊرز ۽ ٻين عهديدارن سان ملاقاتون ڪيون جن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ وڌيڪ تعاون جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ترڪيه جي بحريه جي وفد پاڪستان جي باني کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ قائد اعظم محمد علي جناح جي مزار تي گلن جي چادر ??اڙهي. پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ تاريخي طور تي گهرا ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن ۽ ترڪيه جي بحريه جي جهاز جو پاڪستان جو دورو ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط ٻطرفن لاڳاپن جو اهڃاڻ آهي، هاڻوڪو دورو ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعاون کي عام طور ۽ ٻنهي ملڪن جي سامو??ڊي فوج وچ ۾ سهڪار کي خاص طور تي هٿي ڏيندو.