اسلام آباد – 21 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ت??جم??ن ايران ۾ بس حادثي ۾ پاڪستاني زائرين جي شهادت تي انهن گهرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو ا??ها?? ڪيو آهي. پاڪستاني زائرين ايران جي شهر يزد ۾ هڪ افسوسناڪ روڊ حادثي ۾ شهيد ٿي ويا آهن. پرڏيهي آفيس جي ت??جم??ن پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جي هدايت تي ز??هد??ن ۾ پاڪستان جي قونصلر کي واقعي واري هنڌ پهچڻ ۽ صورتحال جو جائزو وٺڻ جي ذميواري ڏني وئي آهي. ت??جم??ن چي?? ته هو زخمين کي طبي امداد فراهم ڪرڻ جي لاءِ مقامي عملدارن سان به رابطو ڪندو ۽ ميتن کي پاڪستان واپس پهچائڻ جو انتظام ڪندو. فوت ٿيندڙن مان اڪثر سنڌ صوبي جا رهواسي آهن. بيان موجب پرڏيهي وزارت انهن ڪوششن ۾ مدد فراهم ڪرڻ ۽ ميتن جي وطن واپسي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي ڪرائيسز مئنيجمينٽ يونٽ کي فعال ڪري ڇڏيو آهي. هن چي?? ته تهران ۾ پاڪستان جو سفير ۽ ز??هد??ن جو قونصلر تهران ۽ ز??هد??ن ۾ ايراني عملدارن سان رابطي ۾ آهن ته جيئن ميتن کي ڪڍڻ ۽ وطن واپسي ۾ تيزي آندي وڃي ۽ زخمين جي علاج ۾ سهولت فراهم ڪئي وڃي.