اسلام آباد-06 سيپٽمبر (اي پي پي) قانون، انصاف ۽ انسا??ي حقن بابت وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ وچ ايشيا جي برطانوي پارلياماني انڊر سيڪريٽري آف اسٽيٽ، هم??ش ??ال??نر ايم پي سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي. ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستان ۽ برطانيه وچ ۾ انسا??ي حقن، قانوني معاملن ۽ گڏيل تعاون کي مضبوط بنائڻ تي ڌيان ڏنو ويو. ٻنهي طرفن کان انسا??ي حقن جي تحفظ ۽ قانوني سڌارن جي مُک علائقن ۾ لاڳاپن کي وسيع ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. ڪالهه انسا??ي حقن واري وزارت مان جاري پريس رليز موجب وفاقي وزير پاڪستان طرفان انسا??ي حقن جي تحفظ جي اهميت تي زور ڀريو ۽ عالمي قانوني دائره ڪار تحت انسا??ي حقن جي ت??قي ۽ حفاظت لاءِ پاڪستان جي پُختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ڳالهه ٻولهه دوران عالمي ۽ علائقائي مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ گڏيل چئلينجن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ مدد تي زور ڀريو ويو. وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ هم??ش ??ال??نر انسا??ي حقن جي حوالي سان تعاون ۾ وڌيڪ بهتري، مسلسل مڪالمي ۽ بهترين عملي تجربن جي ڏيوٺ ذريعي مضبوط لاڳاپا برقرار رکڻ جي اميد جو اظهار ڪيو. ٻنهي ڌرين يقين ظاهر ڪيو ته جاري تعاون پاڪستان ۽ برطانيه وچ ۾ لاڳاپن کي مضبوط ڪندو ۽ سندن شهرين جي بهترين مفاد ۾ خدمتون انجام ڏيندو.