اسلام آباد – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 23 کان 27 سيپٽمبر تائين نيويارڪ جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79 هين اجلاس ۾ شرڪت ڪندو جتي هو گهڻ رخي عمل جي لاءِ پاڪستان جي ثابت قدم عزم جو ورجاءُ ڪندو ۽ عالمي امن، سلامتي ۽ خوشحالي جي لاءِ گڏيل قومن ??ي ڪردار جي حمايت جو اظهار ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته وزيراعظم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا ۾ فلسطين ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي مسئلي ۽ پراڻي مسئلن کي حل ڪرڻ جي اهميت تي پڻ زور ڏيندو. هن چيو ته وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي ا??لاس جي موقعي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل، جنرل اسيمبلي جي صدر ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين سان ملاقات ڪندو. هو سطح سمنڊ ۾ وڏي تعداد ۾ پيدا ٿيندڙ وجودي خطرن ۽ ”ليڊرشپ فار پيس“ سميت اعليٰ سطح ??ي ڪيترن ئي ا??لاسن ۾ به شرڪت ڪندو ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي کليل ب??ث ۾ حصو وٺندو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جيڪو وزيراعظم سان گڏ هوندو، 22 ۽ 23 سيپٽمبر تي گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري پاران گهرايل ”سمٽ آف دي فيوچر“ ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو. هو او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن واري سالياني رابطا ميٽنگ، ڄمون ۽ ڪشمير تي او آءِ سي رابطا ??روپ جي ا??لاس، جي – 77 ۽ چين جي وزارتي ا??لاس ۽ غيروابسته تحريڪ جي وزارتي ا??لاس ۾ پڻ حصو وٺندو.