اسلام آباد – 17 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ان ڳالهه تي زور ڏنو آه?? ته موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جون مالي ضرورتون تمام گهڻيون آه?? ۽ موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ايشيائي تر??ياتي بئنڪ (اي ڊي بي) پاران تعاون وڌائڻ جي ضرورت آه??. هن چ??و ته 2022ع ۾ شديد موسمياتي تبديلين ۽ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ملڪي معيشت سان گڏوگڏ زراعت جي شعبي، تعليمي ۽ رستن جي بنيادي ڍانچي تي گهرا اثر ڇڏيا آه??. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ايشيائي تر??ياتي بئنڪ جي صدر مسرتسوگو اساڪاوا سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات دوران سينيٽر شيري رحمان ۽ سينيٽر سليم مانڊوي والا پڻ شريڪ هئا. صدر ايشيائي تر??ياتي بئنڪ جي صدر کي پاڪستان کي درپيش معاشي ۽ ماحولياتي چئلينجز بابت آگاهه ڪيو. هن چ??و ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ملڪ کي تمام گهڻو معاشي نقصان پهچايو آه??. صدر پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي تر??ي جي لاءِ ايشيائي تر??ياتي بئنڪ جي تعاون کي ساراهيو. هن 2022ع جي ٻوڏ جي ڏس ۾ پاڪستان جي مدد ڪرڻ تي ايشيائي تر??ياتي بئنڪ جي صدر جا ٿورا مڃيا. ايشيائي تر??ياتي بئنڪ (اي ڊي بي) جي صدر مسرتسوگو اساڪاوا چ??و ته پاڪستان کي موسمياتي تبديلي ج?? سنگين اثر درپيش آه??، خاص طور تي گليشيئرز تيزي سان پگهري رهيا آه??. هن چ??و ته ايشيائي تر??ياتي بئنڪ ايندڙ ٽن سالن دوران پاڪستان کي ساليانو 2 ارب ڊالر جي امداد فراهم ڪندي ۽ انفراسٽرڪچر جي تر??ي ۽ آبهوا کي منهن ڏيڻ جي قدمن جي حمايت جي لاءِ بئنڪ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وڌيڪ اهو ته هن پاڪستان ۾ معاشي بحالي ۽ استحڪام جي تازن انگن اکرن کي ساراهيو.