اسلام آباد-22 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس مالم جبا ۽ سوات ۾ پوليس وين تي دهشتگرد حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته آچر ڏينهن مالم جبا ۽ سوات جي دوري کانپوءِ اسلام آباد ويندڙ سفارتڪارن جي هڪ گروپ هڪ واقعي جو مشاهدو ڪيو. ترجمان چ??و ته ان واقعي ۾ هڪ ايڊوانس اسڪائوٽ پوليس ??ي گاڏي کي آءِ اي ڊي سان نشانو بڻايو ويو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ پوليس ??هلڪار شهيد ۽ 3 زخمي ٿي پيا. ترجمان چ??و ته سفارتڪارن جو اهو گروپ حفاظت سان اسلام آباد پهچي ويو آهي. ترجمان چ??و ته اسان جون همدرديون ان واقعي ۾ ش??يد ٿيل پوليس ??هلڪار ۽ ٽنهي زخمين جي وارثن سان گڏ آهن. هن چ??و ته اسان پنهنجي قانون لاڳو ڪندڙ ا??ار?? جو احترام ڪريون ٿا جيڪي دهشتگردن آڏو ثابت قدم رهن ٿا. اهڙي طرح جا قدم پاڪستان کي دهشتگردي خلاف جنگ جي عزم کي روڪي نٿا سگهن.