نيويارڪ – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف غزه ۾ اسرائيلي ڏاڍ جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته اسرائيل فلسطينين جي نسل ڪ??يءَ ۽ ڏاڍ جو مظاهرو ڪري رهيو آهي، پاڪستاني عوام جي دل فلسطيني ڀائرن سان گڏ ڌڙڪي ٿي، پاڪستان ??لسطيني ڀائرن جي هر ممڪن مدد ڪئي آهي، فلسطين جي معاملي کي ڊيگهه ڏني وئي ته دنيا جو امن تباهه ٿي سگهي ٿو، عالمي دنيا فلسطين جي آزاد رياست جوڙڻ کي يقيني بڻائي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79 هين اجلاس جي موقعي تي فلسطين جي صدر محمود عباس سان ??لاقات ۽ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ان ??وقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اسرائيل فلسطينين جي نسل ڪ??يءَ ۽ ڏاڍ جو مظاهرو ڪري رهيو آهي. هن اسرائيلي ڏاڍ جي شديد مذمت ڪئي ۽ چيو ته پاڪستاني عوام جي دل فلسطيني ڀائرن سان گڏ ڌڙڪي ٿي، وقت اچي ويو آهي ته اسان سڀ متحد ٿي غزه ۾ جنگبندي جو مطالبو ڪريون ٿا، عالمي دنيا فلسطين جي آزاد رياست جوڙڻ کي يقيني بڻائي، آزاد فلسطين کانسواءِ خطي ۾ پائيدار امن ممڪن نه آهي. فلسطين جي معاملي کي ڊيگهه ڏنيو ئي ته دنيا جو امن تباهه ٿي سگهي ٿو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان سدائين فلسطيني ڀائرن جي هر ممڪن مدد ڪئي آهي. عالمي ??ور??ز ۽ عالمي برادري سان رابطن ۾ پاڪستان ??لسطين جي مڪمل حمايت ڪئي آهي. ان ??وقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته مون پنهنجي ڀاءُ صدر محمود عباس سان ??لاقات ڪئي آهي ته جيئن فلسطين جي حڪومت ۽ پنهنجي فلسطيني ڀائرن سان ??ڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري سگهجي. هن چيو ته گذريل هڪ سال دوران غزه ۾ اسرائيل جي ڏاڍ، نسل ڪ??يءَ ۽ ظلم جاري آهي، پاڪستان اسرائيلي ڏاڍ جي شديد مذمت ڪري ٿو. هن چيو ته گذريل هڪ سال دوران 41 هزار فلسطينين کي شهيد ڪيو ويو آهي جن ۾ نوجوان، ٻار ۽ بزرگ به شامل آهن. وزيراعظم چيو ته ڪيترائي شهر، ڳوٺ، اسڪول ۽ اسپتالن تائين تباهه ڪيا ويا آهن. هن چيو ته اسرائيلي قدم نسل ڪ??يءَ ۽ ڏاڍ جا خوفناڪ مثال آهن جن جو تاريخ ۾ ڪو مثال نٿو ملي. هن چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان سڀني کي متحد ٿي ??ور?? طور تي ٻه مطالبا ڪرڻ گهرجن جن ۾ پهريون مطالبو غزه ۾ ??ور?? جنگبندي جو هجڻ گهرجي ۽ آزاد فلسطيني رياست جو پڻ مطالبو ڪرڻو پوندو جنهن کانسواءِ هن خطي ۾ امن قائم نٿو ٿي سگهي. وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن اها صورتحال ڪ??هه وقت جي لاءِ برقرار رهي ٿي ته اسان کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته ان سان دنيا جو امن تباهه ٿي سگهي ٿو. وزيراعظم محمد شهباز شريف فلسطيني ڀائرن جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته فلسطيني ڀائرن ۽ ڀينرن جي جدوجهد، عزم ۽ قربانيون رائيگان ??ه وينديون جنهن جي نتيجي ۾ هڪ آزاد فلسطيني رياست جو قيام عمل ۾ ايندو. ان ??وقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي فلسطين جي صدر محمود عباس چيو ته پهري?? ڏينهن کان ??اڪستان ??لسطين سان گڏ آهي ۽ پاڪستان ??ائم ٿيڻ کانپوءِ 1948ع کان ??ٺي اڄ تائين پاڪستان ??نهنجي فلسطيني ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي ۽ پاڪستان سدائين فلسطيني عوام جي هر مڪن مدد ڪئي آهي. ان کانسواءِ پاڪستان عالمي ??ور??ز تي پڻ سدائين فلسطين سان گڏ بيٺل رهيو آهي ۽ پاڪستان ??لسطين جي موقف جي پرزور تائيد ڪري ٿو.