اسلام آباد-24 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي صحت بابت وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر مختار ڀرٿ جي خاص هدايت تي پمز اسپتال لاءِ ا??ڇ وي اي سي منصوبي جي پي سي ون منظور ڪئي وئي آهي. ڪالهه جاري ڪيل پنهنجي هڪ بيان ۾ ڊاڪٽر مختار چيو ته 1700 ٽن ا??ڇ وي اي سي جي گنجائش 2500 ٽن تائين وڌائي وئي. هن چيو ته منصوبي جي پي سي ون منظور ٿي وئي آهي، جڏهن ته ان منصوبي تي 1654 ملين رپيا لاڳت ايندي ۽ 6 مهينن ا??در منصوبو مڪمل ٿيندو. هن چيو ته صحت ج?? شعبي ۾ بهتري لاءِ سڌارن جو سلسلو جاري آهي. گرمين جي موسم ۾ مناسب ڪولنگ سسٽم نه هئڻ سبب مريضن کي ڏُکيائيون درپيش آهن، انهن قدمن سان گرمي جي موسم ۽ سياري ۾ گرمي پد معتدل رهندو. هن چيو ته عوام جي بهتري ۽ اسپتالن ۾ جديد سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائي رهيا آهيون، سرڪاري اسپتالن جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر ب??ائڻ جو پختو عزم ڪيو آهي.