نيويارڪ – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪو??ت جي ولي عهد شيخ صباح خالد ال??ام?? الصباح سان پنهنجي ملاقات کي ان??ها??ي لاڀائتو قرار ڏيندي چيو آهي ته ان ملاقات ۾ اسان جي گڏيل لاڳاپن جو مجموعو ڪاٿو خاص طور تي سياسي، اقتصادي ۽ دفاعي تعاون سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، اسان کي ڪو??ت سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن تي فخر آهي. ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس جي موقعي تي ڪو??ت جي ولي عهد شيخ صباح خالد ال??ام?? الصباح سان ان??ها??ي ڪارائتي ملاقات ٿي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل لاڳاپن جي مجموعي ڪاٿي خاص طور تي سياسي، اقتصادي ۽ دفاعي تعاون ۽ عوا??ي وفدن جي مٽاسٽا جو جائزو ورتو ويو. وزيراعظم چيو ته هن ڪو??تي ولي عهد کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني، اسان کي ڪو??ت سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن تي فخر آهي ۽ اسان ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ معاشي سيڙپڪاري جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جا منتظر آهيون.