اسلام آباد-05 ڊسمبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ ??ڪومت کي سپريم ڪورٽ ??ي اجازت کانسواءِ قومي فضائي ڪمپني پي آءِ اي جي نجڪاري کان روڪڻ جو پنهنجو اڳوڻو حڪم واپس وٺي ڇڏيو آهي. جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ ??ف پاڪستان ??ي 6 رڪني آئيني بينچ خميس ڏينهن پي آءِ اي جا وڌيڪ ??يئرز سستن اگهن تي وڪرو ڪرڻ جي خبرن تي پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ان وقت جي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار نجڪاري جي عمل کي روڪڻ جي معاملي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺندي جڊيشل ڪميشن ٺاهڻ، نقصانن جو ڪاٿو لڳائڻ ۽ پي آءِ اي جي وڏن نقصانن جي سببن جي جاچ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو. حڪم نامي ۾ حڪومت کي هدايت ڪئي وئي ته سپريم ڪورٽ ??ي اڳواٽ اجازت کانسواءِ پي آءِ اي جي نجڪاري کي اڳتي نه وڌايو وڃي. تن??ن هوندي به سپريم ڪورٽ ??ي آئيني بينچ ڪالهه هڪ مختصر ٻڌڻي ۾ پنهنجو حڪم واپس وٺي ڇڏيو، جنهن سان قومي ايئر لائن جي نجڪاري ڪرڻ جي حڪومتي منصوبي جي راهه هموار ٿي وئي.