سيالڪوٽ – 14 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو اهي ته 2020ع نئين سر تعمير ۽ پاڪستان جي بهتري جو سال هوندو، اهو سال نئين پاڪستان جي نئين رنگ ۽ ڍنگ کي اڳتي وٺي هلڻ جو سال آهي، موجوده حڪومت پنهنجو پهريون سال سڌارن ۾ گذاريو جنهن سبب عوام کي مهانگائي جي صورت ۾ م??ڪلاتن کي به منهن ڏي??و پيو ڇو ته سڌارن جو عمل تڪليف ڏيندڙ هوندو آهي، نظام کي بدلائڻ جي جدوجهد ۾ ان سڙيل نظام سان جڙيل طاقتور طبقن ۽ رڪاوٽن کي هٽائڻ ۾ م??ڪلاتون هونديون آهن، گذريل حڪومت معيشت کي ننڍا ننڍا پر نه تمام وڏا زخم ڏنا، ق??ضن کي ملڪي سطح جي بدترين جڳهه تي ڇڏيو، ڪرپشن جو ناسو?? ختم ڪرڻ لاءِ وڏي سرجري جي ضرورت هئي، سيالڪوٽ ۾نساءِ انسٽيٽيوٽ جي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته آ??ون پنهنجو پاڻ کي خوش قسمت سمجهان ٿي ته الله تعاليٰ مون کي توهان لاءِ چونڊيو ۽ اها ذميداري ڏني ته آ??ون توهان جي سُڃاڻپ بڻجان ۽ توهان جي حقن جي ڳالهه ڪري سگهان.