وزيراعظم سان سنڌ جي گورنر ۽ دفاع واري وزير سميت سنڌ سان تعلق رکندڙ قومي اسمبلي ميمبرن جي ملاقات

image

اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل، دفاع واري وزير پرويز خٽڪ ۽ بحري معاملن واري وزير سيد علي حيدر زيدي سان گڏ سنڌ سان تعلق رکندڙ قومي اسميبلي جي ميمبرن ملاقات ڪئي، وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبرن آفتاب صديقي، سيف الرحمان، عطاءُ الله، اڪرم چيما، فهيم خان، اسلم خان، عالمگير خان، عبدالشڪور شاد، ڪيپٽن جميل، آفتاب جهانگير، صائمه نديم ۽ نصرت وحيد به موجود هئي. وزيراعظم جي خصوصي مددگار ملڪ محمد عامر ڊوگر به ملاقات ۾ موجود هو. ملاقات ۾ وزيراعظم عمران خان جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو، ڪراچي ۾ جاري وفاقي حڪومت پاران ترقياتي منصوبن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي.

مضمون کا ماخذ : مایا کا عروج
متعلقہ مضامین
مزید خبریں