وزيراعظم محمد شهباز شريف ايندڙ هفتي ترڪيءَ جو دورو ڪندو: پرڏيهي آفيس جو ترجمان

image

اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايندڙ هفتي ترڪيءَ جو دورو ڪندو. اها ڳالهه پرڏيهي وزير جي ترجمان عاصم افتخار پريس بريفنگ دوران هڪ سوال جي جواب ۾ ٻڌائي. ڀارت پاران ڪشميري اڳواڻ محمد ياسين ملڪ جي گهرواريءَ مشعال ملڪ کي ان سان ملاقات جي اجازت ڏيڻ بابت هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته هي هڪ اهڙو مسئلو آهي جيڪو ڪيترن ئي سالن کان موجود آهي، ياسين ملڪ جي گهرڀاتين کي ان سان ملڻ جي اجازت نه ڏني وئي جي ناقابل قبول آهي. هن چيو ته پاڪستان پاران ڪيترن ئي موقعن تي ان مسئلي کي انساني حقن جي هاءِ ڪمشنر سميت مختلف فورمز تي اٿاريو ويو، اسان ان معاملي کي اٿاريندا رهنداسين ۽ اسان هر ممڪن تعاون ۽ سمورا ممڪن قدم کڻنداسين. ترجمان هفتيوار پريس بريفنگ ۾ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج پاران جاري ظلم ۽ ڏاڍ ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو، هن اڄ سرينگر ۽ پلواما ۾ 4 بيگناهه ڪشميري نوجوانن جي عدالت کان مٿانهون قتل جي سخت مذمت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ان کان اڳ بارهامولا ۽ ڪپواڙه ۾ نام نهاد گهيراءُ ۽ تلاشي جي ڪاررواين ۾ 4 ڪشميرين کي شهيد ڪيو ويو هو. هن چيو ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام شهيد مير واعظ مولوي محمد فاروق ۽ شهيد عبدالغني لون کي خراج عقيدت پيش ڪيو جيڪي ترتيبوار 21 مئي 1990ع ۽ 21 مئي 2002ع تي ڀارتي قابض فوج جي هٿان شهيد ٿيا هئا. ترجمان چيو ته ڪشميرين ۽ انهن جي قيادت کي ڏاڍ ۽ طاقت جي بي رحماڻي استعمال ذريعي خاموش ڪرڻ جا ڀارت جا ارادا ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا، محمد ياسين ملڪ جي سزا تي والاريل ڪشمير ۾ جيڪو عوامي ردعمل آيو آهي ان سان ڪشميرين جي جائز جدوجهد کي وڌيڪ سگهه ملندي. پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارت تي زور ڏنو ته هو پنهنجي رياستي دهشتگردي کي روڪي، انساني حقن جون خلاف ورزيون فوري طور تي بند ڪري، هٿ ٺوڪي الزامن تحت حراست هيٺ سمورن ڪشميري اڳواڻن کي آزاد ڪري ۽ والاريل علائقي جو غيانساني فوجي گهيراءُ ختم ڪري. هن عالمي برادري، عالمي انساني حقن جي تنظيمن خاص طور تي گڏيل قومن کان مطالبو ڪيو ته اهي والاريل ڪشمير ۾ سنگين انساني صورتحال جو نوٽيس وٺن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي حل کي يقيني بڻائڻ ۾ ڪردار ادا ڪن.

مضمون کا ماخذ : کراچی لاٹری
متعلقہ مضامین
مزید خبریں