صدر پاران اسلام آباد آرٽ گئلري ايف نائين جو دورو

image
President Dr Arif Alvi viewing the artworks of Mr Amjad Shah Afridi, at Islamabad Art Gallery, F-9, Islamabad, on 28 May 2022.

اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسلام آباد آرٽ گئلري ايف نائين جو دورو ڪيو. هن آرٽ گئلري ۾ امجد شاهه آفريدي جي فن پارن ۽ تصويرن جي نمائش ڏٺي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر کي اسلام آباد آرٽ گئلري جي چيف ڪيوريٽر جمال شاهه، امجد شاهه آفريدي جي فوٽو گرافي ۽ فن پارن جي باري ۾ بريفنگ به ڏني. صدر اسلام آباد آرٽر گئلري ۾ موجود فن پارن کي ساراهيو. ان موقعي تي صدر سرڪاري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسلام آباد ۾ اهڙين وڌيڪ آرٽ گئلرين جي ضرورت آهي، امجد شاهه آفريدي حڪومت جو هڪ ايماندار بيوروڪريٽ هو. هن چيو ته امجد شاهه آفريدي جا فن پارا زنده فن جو نمونو آهن، ان جي فن پارن جي نمائش ٻين ماڳن تي به ٿيڻ گهرجي.

مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ خریدیں
متعلقہ مضامین
مزید خبریں