وزيراعظم پاران صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير مخدوم مرتضيٰ محمود جي انڊونيشيا مان کاڄرو تيل جي برآمد لاءِ خصوصي ڪوششن جي ساراهه

image
APP39-170622 ISLAMABAD: June 17 – Federal Minister for Industries and Production, Makhdoom Murtaza Mehmood along with Secretary Ministry of Industries and Production, Imdad Ullah Bosal call on Prime Minister Shehbaz Sharif. APP

اسلام آباد – 17 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير مخدوم مرتضيٰ محمود جي انڊونيشيا مان کاڄرو تيل جي برآمد لاءِ خصوصي ڪوششن کي ساراهيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف سان صنعت ۽ پيدوار واري وفاقي وزير مخدوم مرتضيٰ محمود ۽ سيڪريٽري امداد الله بوسال ملاقات ڪئي، وزيراعظم چيو ته وفاقي وزير جو کاڄرو تيل جي درآمد لاءِ ذاتي خرچن تي انڊونيشيا جو دورو واکاڻ جوڳو آهي، وقت سر درآمد سان ملڪ ۾ کاڄرو تيل جي بحران جي خطري جي روڪٿام ۽ کاڄرو تيل جي ڪارگو جي آمد سان تيل جي اگهن ۾ گهٽتائي ٿيندي، وزيراعظم چيو ته ان سلسلي ۾ صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير ۽ سيڪريٽري جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن، واضح رهي ته وزيراعظم جي هدايت تي صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير مخدوم مرتضيٰ محمود کاڄرو تيل جي درآمد لاءِ ذاتي خرچ تي انڊونيشيا جو دورو ڪيو، دوري جو مقصد ملڪ ۾ کاڄرو تيل جي برآمد سان متوقع بحران جي روڪٿام ڪرڻ هو، صنعت واري وزير جي ڪوششن جي ڪري انڊونيشيا کان اڍائي لک ميٽرڪ ٽن 10 بحري جهاز کاڄرو تيل پاڪستان کي فراهم ڪيو پيو وڃي، کاڄرو تيل جي پهرين کيپ صنعت ۽ پيداوار واري وزير جي انڊونيشيا ۾ موجودگي دوران ئي پاڪستان رواني ڪئي وئي هئي.

مضمون کا ماخذ : سپر اسپنر
متعلقہ مضامین
مزید خبریں