وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران اڳوڻي وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي خراج عقيدت پيش

image

اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڳوڻي وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي 69 هين سالگرهه جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اسان جي جمهوريت محترمه بينظير ڀٽو شهيد کانسواءِ اڌوري آهي ۽ سندس شهادت سان پيدا ٿيندڙ خال نه ڀرجندو. وزيراعظم چيو ته بينظير ڀٽو شهيد پنهنجي نظريي تي دليراڻي طور تي ۽ سختي سان قائم رهي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ کيس جنت ۾ جڳهه عطا فرمائي.

مضمون کا ماخذ : منی ٹرین 2
متعلقہ مضامین
مزید خبریں