نوجوانن کي جديد تعليم سان آراسته ڪرڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي

image
APP46-050722 TOPI: July 05 - President Dr Arif Alvi addressing the 26th convocation ceremony of Ghulam Ishaq Khan Institute of Engineering And Technology. APP

اسلام آباد – 05 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نوجوانن کي جديد تعليم سان آراسته ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته هڪ مڪمل انسان جي لاءِ تعليم سان گڏ تربيت به ضروري آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ جي 26 هين ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته يونيورسٽيون ۽ معاشرو اخلاقيات ۽ قدرن تي خاص ڌيان ڏي، اسان کي پنهنجي تعليمي نظام کي بهتر کان بهتر بڻائڻ تي پنهنجو ڌيان ڏيڻو پوندو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته زماني ۾ تيزي سان رونما ٿيندڙ تبديلين کي سمجهڻو پوندو، ٽيڪنالاجي جي مدد سان علم تائين پهچ وڌي چڪي آهي. هن چيو ته انسان جي تجزيه ڪاري ۽ فيصلاسازي جون صلاحيتون بنيادي اهميت اختيار ڪري ويون آهن. قدرتي وسيلن جي ڀيٽ ۾ انساني ۽ فڪري وسيلن جي اهميت وڌي وئي آهي. صدر چيو ته موجوده دور ۾ علم ترقي جو واحد رستو آهي، پاڪستان کي هنرمند ۽ تربيت يافته انساني وسيلن جي ضرورت آهي، يونيورسٽيون معياري انساني وسيلن جو وڌيڪ انگ پيدا ڪن. صدر چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ پاڪستان ساليانو اٽڪل 30 هزار شاگرد پيدا ڪري ٿو، هنرمند نوجوان آن لائين خدمتن جي مدد سان روزگار ڪمائي رهيا آهن. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان کي اخلاقيات جي لحاظ کان برتري حاصل آهي. پاڪستان 40 سالن تائين 40 لک افغان پناهگيرن کي پناهه ڏني، پاڪستان ۾ زلزلي ۽ ٻوڏ جي صورتحال ۾ عوام وڌي چڙهي فلاحي ڪمن ۾ حصو وجهي ٿي. صدر چيو ته قيادت پاران صحيح فيصلاسازي جي ضرورت آهي، فيڪ نيوز ۽ غيبت جي حوصلا شڪني ڪرڻ گهرجي. سر سيد احمد خان، علامه اقبال ۽ قائداعظم اسان کي هڪ قوم جي حيثيت سان مٿي اٿاريو. صدر چيو ته پاڪستان جي ترقي لاءِ جمهوريت، واپار ۽ جذبي جي ضرورت آهي. هن چيو ته شاگردن تي معاشري جي ترقي ۽ ڀلائي جي خصوصي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي.

مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کا انعام
متعلقہ مضامین
مزید خبریں