خطي ۾ رابطن جي منصوبن سان واپاري ڪميونٽيز کي ويجهو آڻڻ سميت ملڪن ۽ خطي ۾ امن ۽ خوشحالي جي نئين دور جي شروعات ٿيندي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

image
APP17-271222 ISLAMABAD: December 27 - Prime Minister, Muhammad Shehbaz Sharif, meets a high-level delegation of Uzbekistan led by the Uzbek Deputy Prime Minister / Minister for Investment and Foreign Trade, H.E Khodjeev Jamshid Abdukhakimovich. APP/MAF/ZID/ABB

اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ازبڪستان سان ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته خطي ۾ رابطن جي منصوبن سان نه رڳو واپاري ڪميونٽيز کي ويجهو آڻڻ ۾ مدد ملندي پر ان سان ٻنهي ملڪن ۽ خطي ۾ امن ۽ خوشحالي جي نئين دور جي شروعات پڻ ٿيندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف اها ڳالهه ازبڪستان جي نائب وزيراعظم، سيڙپڪاري ۽ ٻاهرئين واپار واري وزير خودجائيوف جمشيد عبدو حڪيموف جي قيادت ۾ ازبڪستان جي وفد سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي. گذريل سيپٽمبر ۾ ثمرقند ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس ۽ ايشيا ۾ رابطن ۽ اعتمادسازي تي ٻڌل قدمن تي آڪٽوبر 2022ع ۾ قزاخستان ۾ ٿيندڙ ڇهين سربراهي اجلاس جي موقعي تي ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزائيوف سان پنهنجي ملاقاتن جو حوالو ڏيندي وزيراعظم پاڪستان پاران ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ مثالي دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان رستن ۽ ريلويز جي ذريعي وچ ايشيا تائين پهچ جي آڇ ڪري رهيو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته خطي ۾ رابطن جي انهن منصوبن سان نه رڳو واپاري ڪميونٽيز کي ويجهو آڻڻ ۾ مدد ملندي پر ان سان ٻنهي ملڪن ۽ خطي ۾ امن ۽ خوشحالي جي نئين دور جي شروعات ٿيندي. ازبڪستان جي وفد وزيراعظم کي پاڪستان ۾ اقتصاديات جي وزارتن سان ٿيندڙ ملاقاتن بابت ٻڌايو جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ معيشت جي شعبن ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ٿيو آهي. ازبڪستان جي نائن وزيراعظم، سيڙپڪاري ۽ ٻاهرئين واپار واري وزير خودجائيوف جمشيد عبدو حڪيموف وزيراعظم کي مختلف شعبن ۾ پاڪستان ۽ ازبڪستان جي واپاري گروپن جي وچ ۾ ٿيندڙ ملاقاتن ۽ اجلاسن کان پڻ آگاهه ڪيو. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي بزنس ڪميونٽيز جي وچ ۾ واپاري رابطا قائم ڪرڻ جي لاءِ ثمر آور ڳالهه ٻولهه کي ساراهيو ۽ چيو ته ان سان ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ملندو. ازبڪستان جي وفد وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي دوستي کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ ۽ رابطن ۾ واڌاري جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم ان ڳالهه کي ورجايو ته پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ دوستي وقت گذرڻ سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهي آهي ۽ ازبڪستان جي نائب وزيرعاظم جي قيادت ۾ وفد جي دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وڌندڙ لاڳاپن جي عڪاسي ٿي رهي آهي.

مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری انعامات
متعلقہ مضامین
مزید خبریں