پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سينيئر نائب صدر مريم نواز پنهنجي سرجري لاءِ لنڊن کان جنيوا رواني ٿي وئي آهي: مريم اورنگزيب

image

اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سينيئر نائب صدر مريم نواز پنهنجي سرجري لاءِ اڄ اربع ڏينهن لنڊن کان جنيوا رواني ٿي وئي آهي، مسلم ليگ (ن) جو قائد محمد نواز شريف به ساڻس گڏ آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته مريم نواز چيف آرگنائيزر مسلم ليگ (ن) جي حيثيت سان پنهنجون ذميواريون سنڀالڻ جي لاءِ جنوري جي ٽئين هفتي ۾ پاڪستان واپس ايندي.

مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن مفت
متعلقہ مضامین
مزید خبریں