وزيراعظم پاران نيب چيئرمين آفتاب سلطان جي استعيفيٰ منظور

image

اسلام آباد – 21 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نيب جي چيئرمين آفتاب سلطان جي استعيفيٰ منظور ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب نيب چيئرمين آفتاب سلطان ذاتي سببن جي ڪري استعيفيٰ ڏني هئي. وزيراعظم آفتاب سلطان جي نيب چيئرمين طور فرضن جي ادائيگي ۾ ايمانداري ۽ فرض شناسي کي ساراهيو. وزيراعظم نيب چيئرمين آفتاب سلطان جي اسرار تي ان جي استعيفيٰ منظور ڪري ورتي.

مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون
متعلقہ مضامین
مزید خبریں