بلاول ڀٽو زرداري پاران بلوچستان اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر مير ظهور خان کوسو جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

image

اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري بلوچستان اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر مير ظهور خان کوسو جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن ايم پي اي مير سليم کوسو سان سندس چاچي بلوچستان اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر مير ظهور خان کوسو جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته پيپلزپارٽي ۽ پارٽي توهان جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مرحوم جي لاءِ جنت الفردوس ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي.

مضمون کا ماخذ : گرم گرم
متعلقہ مضامین
مزید خبریں