پاڪستان محفوظ هٿن ۾ آهي، اسان کي ورثي ۾ تباهه ٿيل معيشت ۽ ڊيفالٽ ٿيندڙ ملڪ مليو، جنهن کي اسان بچايو، عمران خان چئن سالن ۾ ملڪي ساک داءُ تي لڳائي، ملڪي تاريخ جا سڀ کان وڌيڪ قرض ورتا، آءِ ايم ايف جو پروگرام صحيح ڪري ان جي خلاف ورزي ڪئي: مريم اورنگزيب

image

اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان محفوظ هٿن ۾ آهي، اسان کي ورثي ۾ تباهه ٿيل معيشت ۽ ڊيفالٽ ٿيندڙ ملڪ مليو، جنهن کي اسان بچايو، عمران خان چئن سالن ۾ ملڪي ساک داءُ تي لڳائي، ملڪي تاريخ جا سڀ کان وڌيڪ قرض ورتا، آءِ ايم ايف جو پروگرام صحيح ڪري ان جي خلاف ورزي ڪئي، عمران خان جي گرفتاري سان حڪومت جو ڪو تعلق نه آهي، قومي احتساب بيورو القادر ٽرسٽ ڪرپشن ڪيس ۾ عمران خان کي گرفتار ڪيو، پاڪستان جي تاريخ ۾ڪڏهن ائين ناهي ٿيو ته جسماني ريمانڊ تي موجود جوابدار کي ايڏو وڏو ريليف مليو هجي، عمران خان کان پڇاڳاڇا يا جاچ ڪئي وڃي ته تشدد تي لهي پوي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي نشرياتي اداري ”الجزيره“ کي پنهنجي خصوصي انٽرويو ۾ ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان کي گرفتار ڪري اسان ڪو هدف حاصل نه ٿا ڪرڻ چاهيون، اسان کي ڪو هدف حاصل نه ڪرڻو هو، ان جي گرفتاري سان حڪومت جوڪو تعلق نه آهي، عمران خان کي قومي احتساب بيورو القادر ٽرسٽ ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار ڪيو، نيب ان ڪيس جي جاچ ڪري رهيو آهي ۽ نيب عمران خان کي ڪيترائي نوٽيسز جاري ڪيا پر عمران خان نيب جي ڪنهن به نوٽيس جو جواب نه ڏنو. هن چيو ته عمران خان جي گرفتاري کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو هو جنهن تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان جي گرفتاري کي قانوني قرار ڏنو هو. هڪ سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اهڙا ڪيترائي مثال موجود آهن ته عمران خان اقتدار ۾ هو ۽ اپوزيشن ان کان سوال پڇندي هئي ته هو انهن کي ڊيٿ سيل ۾ موڪلي ڇڏيندو هو. ميڊيا سوال پڇندي هئي ته ميڊيا جي ماڻهن کي جيل ۾ وڌو ويندو هو، آر ايس ايف جي رپورٽ ۾ عمران خان کي ميڊيا پريڊيٽر چيو ويو. هن چيو ته عمران خان ملڪ جي چيف ايگزيڪيوٽو جي اعليٰ ترين عهدي تي فائز رهي چڪو هو، جڏهن هو مخالف ڌر ۾ آيو ته ان کان مختلف ڪرپشن ڪيسز بابت پڇاڳاڇا ڪئي ته هن تشدد جو رستو اختيار ڪيو. هن چيو ته ايف آءِ اي ۽ نيب ۾ مختلف ڪيسز جي جاچ جاري آهي جنهن جو عمران خان کي جواب ڏيڻو آهي ۽ عمران خان جواب ڏيڻ جي لاءِ تيار نه آهي، اهو سلسلو گذريل 14 مهينن کان جاري آهي. هن چيو ته عدالت عمران خان جا وارنٽ جاري ڪيا ته پوليس عدالتي وارنٽ کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ زمان پارڪ وئي ان وقت به عمران خان تشدد جو رستو اختيار ڪيو ۽ پنهنجي تحفظ جي لاءِ عورتن ۽ ٻارن کي انساني ڍال طور استعمال ڪيو. هن چيو ته پوليس تي اتي پيٽرول بمن سان حملا ڪيا ويا، ان کانسواءِ عمران خان 25 مئي جي لانگ مارچ جي موقعي تي به پنهنجي ڪارڪنن کي ائين ئي تشدد تي اتساهيو هو، پليون ٽوڙيون، رياستي ۽ عوامي ملڪيتن ۽ ميٽرو اسٽيشنن تي حملا ڪيا، جوڊيشل ڪمپليڪس ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي، جوڊيشل ڪمپليڪس جو به دروازو دريءَ نه بچي هئي، انهن وٽ ڪلاشنڪوف ۽ پيٽرول بم هئا، عمران خان پاران اهڙي ڪڌي راند تسلسل سان جاري آهي، جڏهن به کانئس پڇاڳاڇا يا جاچ ڪئي وڃي ٿي ته هو تشدد تي لهي اچي ٿو ۽ پنهنجي ماڻهن کي تشدد تي اتساهيندو آهي. وفاقي وزير چيو ته نيب جڏهن عدالت جي اڱڻ مان عمران خان کي گرفتار ڪيو ته ٽي ڏينهن ملڪ جي اندر جيڪو ڪجهه ٿيو اهو سڀني جي سامهون آهي. هن چيو ته عمران خان جي گرفتاري تي ڪو به سياسي ردعمل نه آيو ڇو ته سياسي ردعمل ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهو ٻاهر نڪتا آهن پر سڀني ڏٺو ته مختلف جاين تي ماڻهن کي گڏ ڪري تشدد تي اتساهيو ويو ۽ پوءِ پي ٽي آءِ جي قيادت ان عمل جي نگراني به ڪندي رهي ته ڪيترا ماڻهو لاهور ۾ جناح هائوس، ڪور ڪمانڊر هائوس ۽ ميٽرو جي پلين تي پهتا آهن. هن چيو ته حڪومت کي پنهنجي شهرين کي تحفظ ڏيڻو آهي، مريض کي بچائڻو آهي، پي ٽي آءِ جي هٿياربند جٿن ايمبولينسن مان مريضن کي ٻاهر ڪڍي ايمبولينسن کي باهه هنئي، اسڪولن تي حملا ڪيا، اسپتالون ساڙيون، چوپائي مال منڊين کي ساڙيو، اهي رڪجڻ جو نالو نه وٺي رهيا هئا پر ان سڄي صورتحال ۾ حڪومت وڏي دانشمندي ۽ صبر تحمل جو مظاهرو ڪيو. هن چيو ته عمران خان ڪرپشن جي ڪيس ۾ جواب نه ڏنا هئا. هو جسماني ريمانڊ تي هو پر ان سڀ جي باوجود هو 48 ڪلاڪن ۾ جيل کان ٻاهر اچي ويو، ملڪ جي تاريخ ۾ اڄ تائين ائين نه ٿيو هو. هڪ سوال تي هن چيو ته حڪومت سڄي صورتحال ۾ سمجهداري سان ڪم ورتو، اسان کي خبر هئي ته هڪ شخص ماڻهن کي تشدد تي اتساهي رهيو آهي، ان جو مائنڊ سيٽ ئي اهڙو آهي. هن چيو ته رياست رڳو حڪومت نه آهي اها ايگزيڪيوٽو، عدليه ۽ پارليامينٽ آهي ۽ رياست جي رٽ قائم ڪرڻ انهن ٽنهي ٿنڀن جي ذميواري آهي. عمران خان جي خلاف ڪيسن جي حوالي سان سوال جو جواب ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 100 ڪيس عمران خان جي ڪوڙي ڀاشن آهي، ان جو سدائين اهو ئي بيانيو رهيو آهي. عمران خان جي خلاف منع ٿيل فنڊنگ، توشه خانه، القادر ٽرسٽ ڪرپشن ۽ ٽيريان جا ڪيسز آهن، عمران خان انهن ڪيسن ۾ جواب ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي. هن چيو ته عمران خان اهو تاثر قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته حڪومت ان جي خلاف آهي ۽ انهن کي ڪنهن سياسي انتقام جو نشانو بڻائي رهي آهي، جيڪڏهن سان کي ائين ڪرڻو هو ته اسان 14 مهينن تائين انتظار نه ڪريون ها، سائفر جي معاملي تي جنهن کل جوڳي انداز ۾ عمران خان اڳتي وڌي رهيو هو، جيڪڏهن اسان چاهيون ها ته هو جيل جي اندر هجي ها، اسان وٽ حڪومت جي طاقت به هئي ۽ اختيار به هو، اسان ان کي گرفتار ڪري سگهياسين پئي پر اسان سياسي انتقام تي يقين نه ٿا رکون، ان جي ابتڙ عمران خان پنهنجي دور ۾ ڪرپشن جي خلاف اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو. ملڪ ۾ چونڊن جي حوالي سان سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان جي چوڻ تي خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب جون اسيمبليون تحليل ڪيون ويون پوءِ پرويز الاهي جيڪو ان جو وڏو وزير هو، ميڊيا تي واضح لفظن ۾ چيو ته هو ڪڏهن به پنجاب اسيمبلي تحليل نه پيو ڪرڻ چاهي. هن چيو ته عمران خان ان وقت اقتدار کان ٻاهر هو، ائين نه ٿو ٿي سگهي ته چونڊون عمران خان جي وقت تي ٿين. هن چيو ته چونڊن جي حوالي سان آئين ۽ قانون موجود آهي، چونڊون ان وقت ٿينديون جڏهن اسان پنهنجو آئيني مدو پورو ڪري وٺنداسين. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته عمران خان جي چار سال دور ۾ اسان تي جعلي ۽ بي بنياد ڪيسز ٺاهيا ويا، هڪ سال کان وڌيڪ عرصي تائين اسان جا ڪيس نه ٻڌا ويندا هئا، پر ان جي ابتڙ عمران خان پنهنجي ڪنهن به ڪيس ۾ عدالت نه ويو، جڏهن هو گرفتار ٿيو ته جسماني ريمانڊ تي هو ۽ هن جون سڀني ڪيسن ۾ ضمانتون نه ٿيون، دنيا ۾ ڪٿي به ائين نه ٿو ٿئي. معاشي صورتحال جي حوالي سان اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان جي چئن سالن ۾ معيشت سان جيڪو کلواڙ ٿيو ان جو مثال نه ٿو ملي. جڏهن 2018ع ۾ اسان حڪومت ۾ هئاسين ته ان وقت جي ڊي پي 6 سيڪڙو جي شرح سان ترقي ڪري رهي هئي، ملڪ ۾ تاريخ جي سڀ کان گهٽ ترين مهانگائي 2.6 سيڪڙو هئي، آءِ ايم ايف جو پروگرام 2015ع ۾ مڪمل ڪري ورتو هو. سي پيڪ هلي رهيو هو، روزگار هو، ترقي ٿي رهي هئي، اسڪول تعمير ٿي رهيا هئا، يونيورسٽيون ٺهي رهيون هيون، پرڏيهي پاليسي زبردست هئي، سي پيڪ عروج تي هو، پاڙيسري ملڪ ۽ علائقائي ملڪن سان ڪيترائي منصوبا هلي رهيا هئا ۽ جڏهن عمران خان جو دور شروع ٿيو ته عمران خان چئن سالن ۾ معيشت جو ٻيڙو غرق ڪيو، هن تاريخ جو سڀ کان وڏو قرض ورتو. هن چيو ته عمران خان سان اسان کي ورثي ۾ تاريخ جي بلند ترين مهانگائي ملي، اسان کي ڊيفالٽ ٿيندڙ ملڪ مليو، جنهن کي اسان بچايو. عمران خان آءِ ايم ايف سان معاهدن تي صحيحون ڪيون ۽ پوءِ ان جي خلاف ورزي ڪئي، جڏهن اسان اقتدار ۾ آياسين ته آءِ ايم ايف جو پروگرام معطل هو، ان تي اسان ٻيهر ڳالهه ٻولهه جي شروعات ڪئي، عمران خان ملڪ جي ساک داءُ تي لڳائي ڇڏي هئي، اسان کي عمران خان جي معاشي تباهي ورثي ۾ ملي.

مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا انعام
متعلقہ مضامین
مزید خبریں