پاڪستان جي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان بلوچستان جي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو جي ملاقات

image

ڪوئيٽا – 18 – مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان بي اي پي جي مرڪزي صدر ۽ بلوچستان جي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو ملاقات ڪئي. جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن ملڪ جي سياسي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي اڳواڻن هڪ سياسي پارٽي پاران ملڪ ۾ سياسي ڇڪتاڻ ۾ اضافي، جلاءُ گهيراءُ ۽ تشدد جي سياست جي مذمت ڪئي جڏهن ته ملاقات ۾ قوم پاران منفي سياست کي رد ڪري پاڪ فوج ۽ قومي سلامتي جي ادارن تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو ويو. ملاقات ۾ بلوچستان جي تعمير ۽ ترقي ۽ مسئلن جي حل تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي، وڏي وزير جو چوڻ هو ته بلوچستان جي ترقي وفاق جي عملي تعاون کانسواءِ ممڪن نه آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي احساس محرومي جي شڪار ننڍن صوبن کي اهميت ڏي ٿي. هن يقين ڏياريو ته هو بلوچستان جي مالي مسئلن جي حل لاءِ وزيراعظم ۽ لاڳاپيل وزيرن سان ڳالهه ڪندو.

مضمون کا ماخذ : como jogar na loteria
متعلقہ مضامین
مزید خبریں